بلوچستان جا روڊ محفوظ ناهن ، ملڪ ۾ جنگي ماحول آهي: اچڪزئي

بلوچستان جا روڊ محفوظ ناهن ، ملڪ ۾ جنگي ماحول آهي: اچڪزئي

ڪوئٽه: (ويب ڊيسڪ) پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته ملڪ ۾ هن وقت جنگي ماحول آهي.ملي عوامي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ته بلوچستان جا روڊ محفوظ نه آهن، جڏهن ته قومي شاهراهن تي ڪيترن ئي ماڻهن کي قتل ۽ ٽرڪن کي ساڙيو وڃي ٿو.هن چيو ته ملڪ ۾ انصاف جو معيار سڀني جي سامهون آهي، جمهوريت کي اسان جي ڪمزوري سمجهيو ويو. دکي ۾ غريب مزدورن جي قتل جو ڪهڙو سبب بڻجي ٿو.محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان کي نٿو ٻڌايو وڃي ته گاڏين کي ڪير باهه ڏيندو آهي، امن جي قيام لاءِ هر قدم کڻنداسين، جڏهن ته اسيمبلي جي فلور تي به صرف ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون ڪنهن کي به بخش نه ڪنداسين.پشتونخواهه ملي عوامي پارٽي جي سربراهه چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو جي نالي تي آئين جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن، ملڪ جي عوام محفوظ نه آهي. حڪومت کي امن امان کي برقرار رکڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو