اورنگي ٽائون ۾ عورت ۽ ٻارن تي حملي جو جوابدار گرفتار

اورنگي ٽائون ۾ عورت ۽ ٻارن تي حملي جو جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون ۾ عورتن ۽ ٻارن تي وحشياڻو تشدد ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪيو ويو،ايس ايس پي اولهه موجب گرفتار جوابدار سمير علي عورت جي مڙس جو ڪزن آهي.هن چيو ته جوابدارن 3 ڏينهن اڳ عورت ۽ 2 ٻارڙن کي تيز رفتار اوزار سان زخمي ڪيو هو، زخمي 7 ورهين جو ٻارڙو فوت ٿي ويو هو.ايس ايس پي اولهه جو چوڻ آهي ته جوابدار مزاحمت ڪرڻ تي عورت ۽ ٻارن کي تشدد جو نشانو بڻايو.پوليس موجب واقعي جو ڪيس اورنگي ٿاڻي ۾ زخمي عورت جي مڙس جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ قتل جي دفعات شامل ڪئي وئي آهي.فريادي موجب زخمي زال ٻڌايو ته منهنجو چاچو سمير گهر آيو ته سندس زال سان زيادتي جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي زال کي لوهه سان زخمي ڪري ڇڏيو، سمير منهنجي پٽ کي مٿي تي لوهه جو وار ڪيو، جنهن سبب هو فوت ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو