اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ کي الوداع ڪرڻ لاءِ فل ڪورٽ ريفرنس منعقد ٿيو، جنهن ۾ وڪيلن ۽ ساٿي ججن سندس ڪيريئر جا اهم واقعا بيان ڪندي کيس خراج پيش ڪيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 17 سيپٽمبر 2023ع تي 29هين چيف جسٽس طور حلف کنيو هو، سندس حلف برداري جي تقريب غير روايتي هئي، جنهن ۾ حلف کڻن وقت سندس گهر واري سرينا عيسيٰ به ساڻس گڏ بيٺي هئي. جسٽس يحيٰ آفريدي، جنهن کي 26 هين آئيني ترميم هيٺ نئين ٺاهيل اسپيشل پارلياماني ڪميٽي طرفان نامزد ڪيو ويو هو، سڀاڻي (ڇنڇر) تي نئين چيف جسٽس طور حلف کڻندو. فل ڪورٽ ريفرنس سپريم ڪورٽ جي ويب سائيٽ ۽ يوٽيوب چينل تي لائيو نشر ڪيو ويو. سينيئر جج جسٽس منصور علي شاهه، جيڪو چيف جسٽس بڻجي وڃي ها جيڪڏهن 26هين ترميم نه منظور نه ٿئي ها، هو پنهنجي خاندان سان گڏ عمري جي لاءِ ويو هو، اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو پر هن خط لکي شرڪت نه ڪرڻ جا سبب ٻڌائيندي جسٽس فائز عيسيٰ تي عدليا ۾ مداخلت روڪڻ بدران سهولتڪاري ۽ ججن ۾ نفاق پيدا ڪرڻ جو ذميوار قرار ڏيندي مٿس سنگين الزام لڳايا آهن. CJP جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي عام طور تي جسٽس شاهه ۽ جسٽس منيب اختر کي ويهن گهربو هو پر سندن عدم شرڪت سبب جسٽس آفريدي ۽ جسٽس امين الدين خان ويٺل نظر آيا. ان موقعي تي جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس اطهر من الله ۽ ملڪ شهزاد احمد خان به موجود نه هئا. تقريب ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمد علي مظهر، سيد حسن اظهر رضوي ۽ شاهد وحيد سميت ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، پاڪستان بار ڪائونسل (پي بي سي) جي وائيس چيئرمين فاروق ايڇ نائيڪ ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن (SCBA) جي صدر شهزاد شوڪت پڻ خطاب ڪيو. فل ڪورٽ ريفرنس ۾ شرڪت کانپوءِ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس آفريدي طرفان سپريم ڪورٽ جي احاطي ۾ ذاتي خرچ تي ڏنل ماني ۾ به شرڪت ڪندو.
جسٽس عيسيٰ جي عاجزي ۽ ڪاوڙ
پنهنجي تقرير ۾ نئين نامزد ڪيل چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جسٽس عيسيٰ کي ”سٺو ٻڌڻ وارو انسان“ قرار ڏنو پر سندس ”غصي“ کان به خبردار ڪيو. جسٽس آفريدي چيو ته جيڪڏهن توهان جسٽس فائز عيسيٰ سان ملندا، سلام ڪندا ۽ مسڪراهٽ ۽ عاجزي سان پيش ايندا ته هو اهڙي نرمي، مشابهت ۽ شفقت سان جواب ڏيندو جو اوهان حيران ٿي ويندا. ”پر ياد رکو، جيڪڏهن توهان ڪنهن به طرح هن کي ڀڙڪايو، يا چيڙايو ته پوءِ بس سندس غصب کان اوهانکي خدا ئي بچائي سگهي ٿو. جنهن تي حارين ۾ ٽهڪڙو پئجي ويو. هن چيو ته ”مون کي ڪيترائي ڀيرا هن جي اهڙي ڪاوڙ کي منهن ڏيڻو پيو ۽ تجربو خوشگوار نه هو، “هن چيو ته جسٽس عيسيٰ سان گڏ بينڄ م سامل رهيس ۽ گهڻو ڪجهه سکن لاءِ مليو. اسين کيس مس ڪنداسين پر خوشي ان ڳالهه جي آهي ته هو سٺي صحت سان رخصت ٿئي پيو اميد آهي ته باقي وقت سندس سٺو گذرندو. هن چيو ته منهنجا فائز عيسيٰ سان اختلاف به رهيا پر هن رعب بدران هميشه قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اها ڪوالٽي تمام گهٽ ماڻهن ۾ هوندي آهي. هو ڪاز لسٽ جو آخري ڪيس به ٻڌي ڪم اڪلائيندو هو. هن چيو ته اسين مانجهاندي جي انتظام لاءِ کيس چيو پر هن انڪار ڪيو، نيٺ مون چيو ته مان ذاتي خرچ تي ڪريان ٿو ته پوءِ هن قبول ڪيو ۽ وڏو ظالم شخص اهي يوندي ويندي به وڏو خرچ ڪرائي ڇڏيائين. ياد رهي ته هن الوداعي ڊنر کان به انڪار ڪيو هو ۽ چيو هو ته ان تي قوم جا 20 لک خرچ ٿي ويندا. جسٽس عيسيٰ ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن ۽ عدم شرڪت ڪندڙ ججن جو ٿورو مڃيو ۽ ٻڌايو ته هو اوچتو سڌو بلوچستان هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس بڻيو هو. آئيني بحران دوران افتخار چوڌري رجسٽرار معرفت گهرايو، مون سوچيو ته کيس ڪا شڪايت هوندي پر هن چيو ته چيف جسٽس جو عهدو سنڀاليو. مون کيس چيو ته منهنجي زندگي ۾ ويٽو پاور منهنجي زال وٽ آهي، ان سان مشورو ڪري جواب ڏيندس. زال هاڪار ڪئي ۽ مون عهدو سنڀاليو. ان موقعي تي هن پنهنجو خانداني پس منظر بيان ڪندي تفصيل به ٻڌايا.










