ڪراچي (نمائندن وٽان) ٿرپاڪر سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڳڙي واري برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، وڄ ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ عورتن، ٻارن ۽ مردن سميت 18 ڄڻا فوت ٿيا، جڏهن ته شهداد ڪوٽ ۾ ڇت ڪرڻ سبب ماءُ ۽ ڏيءَ فوت ٿيڻ سبب برسات سبب مري ويلن جو انگ 20 تي ويو آهي. شهداد ڪوٽ ۾ طالب مگسي جي زال مريم ۽ 7 ورهين جي نياڻي ثميرا ستل هئا ته ڇت ڪرڻ سبب دٻجي فوت ٿي ويون. جڏهن ته برسات ۽ وڄ سبب مختلف شهرن ۾ درجنين ڍور۽ مور به مري ويا آهن. هڪ پاسي ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي ته ٻئي پاسي ننڍن وڏن شهرن ۾ گپ ۽ گند ٿي ويو آهي، اڪثر شهرن ۾ پاڻي بيٺل آهي، مٿان وري بجلي به غائب آهي. گذريل 24 ڪلاڪن کان جاري برسات جو سلسلو رُڪجي نه سگهيوآهي وقفي وقفي سان بارش جاري آهي.

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ آسماني بجلي يعني وڄ ڪرڻ سبب 9 عورتن سميت 16 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن ان کان علاوهه درجنين ڪيترو ئي چوپايو مال مري چڪو آهي. جڏهن ته تيز هوائن ۽ برسات سبب جڳهن جون ڇتيون اڏامي ويون ۽ آبادگارن جا پوکيل فصل تباهه ٿي ويا آهن. ٿرپارڪر مان لياقت علي نهڙيو مطابق ٿر جي مختلف علائقن ۾ رات 3 وڳي کان شروع ٿيل برسات رڪجي نه سگهي آهي برسات ۾ آسماني بجليون ڪرڻ سبب مختلف علائقن ۾ 4 عورتن سميت 7 ماڻهو فوت، 5 زخمي ٿي پيا آهن. تعلقي ننگرپارڪر جي ڳوٺ نرياسر ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب نوجوان جمال شورو فوت، ڳوٺ اوڏاڻي ۾ 30سالن جي عورت سونا فوت، ڳوٺ هرنارو ۾ به آسماني بجلي ڪرڻ سبب عبدالصمد سومرو پڻ فوت ٿي ويو.

ٻورلي موسيپوٽا لڇمي ڪولھي، ڪيتار ھڪ عورت فوت ٿي وئي. جڏهن ته رات کان هلندڙ زودار برسات ٿرپارڪر ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي کنوڻ ڪرڻ سبب مختلف ڳوٺن ۾ پنجاھ کان وڌيڪ چوپايو مال مري چڪو آهي. هوڏانهن چيلهار جي ڀرپاسي وارن مختلف ڳوٺن ۾ آسماني بجلي ڪرڻ سبب ٽي حياتيون اجل جون شڪار ٿي ويون، پنج ٻڪريون ۽ هڪ مور به مري ويو.

ڳوٺ اڪليون ۾ وڄ ڪرڻ سبب نيتو پٽ رڻمل فوت سندس ڀيڻ سيتا ماءُ چوٿي سخت زخمي ٿي پيا جن چيلهار سرڪاري اسپتال آندو ويو. ڳوٺ هرو جي وانڊ ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب جگديش پٽ کيت سنگھ فوت ٿي ويو. ڳوٺ رامسنگهاڻي ۾ منور شوڪت به آسماني بجلي ڪرڻ سبب فوت. ڳوٺ ڀوريلو ۾ وڄ ڪرڻ سبب پورهيت اڪبر جون پنج ٻڪريون ۽ هڪ مور مري ويو. کنوڻ ڪرڻ سبب علائقي ۾ خوف واري صورتحال ڇانيل آهي. *** سوسائٽي مان غلام رسول مھر مطابق سوسائٽي سميت ٻين ڳوٺن ۾ تيز برسات دوران ڳوٺ ابراھيم مھر ۾ وڄ ( کوڻ) ڪرڻ سبب مٺل شيخ ولد نيڪ محمد شيخ فوت ٿي ويو جڏهن ته محمد حيات ولد عزيز اللہ شيخ سخت زخمي ٿي پيو جنھن کي وارث اسپتال کڻائي ويا.

هوڏانهن کپرو مان اطلاعن مطابق اڇڙو ٿر ۾ وڄ ڪرڻ سبب فوتين جو انگ وڌي 4 ٿي ويو، 3 عورتون ۽ هڪ ٻارڙو شامل، راڻڪ ڏھر جي ڳوٺ موڪريار سمون ۽ راڻاهو ديھ جي ڳوٺ جهولي جوتڙ ۾ وڄ ڪرڻ سبب 3 عورتون ۽ هڪ ٻارڙو فوت ٿي ويا، 2 ٻار زخمي ٿيڻ جا اطلاع، فوتي عورتن ۾ موڪريار جي 25 ورهين جي مسمات ماريت زال ڦوٽو سمون ۽ 57 ورهين جي سنگهار زال شير خان سمون شامل، ڳوٺ الهڏنو احمد جو تڙ لڳ جهولي جوتڙ ۾ وڄ ڪرڻ سبب ماءُ پٽ مسمات سليمت عرف جادل زال مولابخش راڄڙ ۽ سندس پٽ 12 ورهين جو الهڏنو ولد مولابخش راڄڙ فوت ٿي ويا، گهرن ۾ روڄ پئجي ويو.

هوڏانهن نوشهروفيروز، گهوٽڪي، بوزدار وڏا، نوابشاهه، ڪنڌڪوٽ، سکر ۽ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري رهيو.











