انڊس هاءِ وي تي خوفناڪ حادثو، ماءُ، پٽ ۽ ڌيءَ فوت، 2 زخمي

انڊس هاءِ وي تي خوفناڪ حادثو، ماءُ، پٽ ۽ ڌيءَ فوت، 2 زخمي

خانپور(زبيرگل )انڊس هاءِ وي تي ڪلر ڪوٽ ڀرسان رڪشه ۽ ٽرالر جو ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا  40سالا ماءُ نوري سندس 14 سالن جي ڌي جمي ۽ 7 سالا پٽ ڪيول موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ عورت لڇمي، نينگر مڪيش زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور تي خانپور اسپتال آندو ويو طبي امداد ڏيڻ بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو ۽ لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا. فوتين جا وارث پنهنجي پيارن جي وڇوڙي تي هنجون هاريندا رهيا اسپتال ۾ جيءَ جهوريندڙ واقعي تي سمورو شهر گڏ ٿي افسوس ڪندا رهيا. ياد رهي ته انڊس هاءِ وي تي حادثا روز جو معمول بڻيل آهي روڊ جي ٻنهي پاسي ڪپر (شولڊر) هنڌان هنڌان ٽٽل آهن حادثا اڪثر ڪراسنگ جي ڪري پيش اچن ٿا. واضح رهي ته متاثر خاندان پينو فقير جوڳي  آهن جيڪي اصل عمر ڪوٽ جا آهن ساريالي فصل جي موسم ۾ خانپور ايندا آهن ۽ زمينن تي وڃي ان وٺندا آهن صبح سوير پنهنجي رڪشه تي ان وٺڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته هي حادثو پيش آيو آهي. اهو به ٻڌايو وڃي پيو ته فوت ٿي ويل ٻارن جو پي به هڪ سال اڳ فوت ٿي ويو هو .پوليس ٽرالر ڊرائيور کر گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي. متاثر خاندان واقعي واري جڳھ تي روڊ بلاڪ ڪري مظاهرو پڻ ڪيو ويو. واقعي جو ڪو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو