سرينگر (ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج جي ڪشميرين خلاف رياستي دهشتگردي جاري آهي.ڪشمير ميڊيا سروس موجب والاريل ڪشمير ۾ قابض ڀارتي فوج هڪ ڀيرو ٻيهر رياستي دهشتگردي جو مظاهرو ڪندي وڌيڪ 2 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته قابض ڀارتي فوج تلاشي ۽ محاصري جي آڙ ۾ نوجوان کي جعلي مقابلي ۾ شهيد ڪيو.واضح رهي ته ڪجهه عرصو اڳ قابض ڀارتي فوج تلاشي ۽ محاصري جي آڙ ۾ 3 ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو.










