گهرو اُڻبڻت تان مڙس هٿان زال قتل، جوابدار فرار

گهرو اُڻبڻت تان مڙس هٿان زال قتل، جوابدار فرار

نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) سٺ ميل ڀرسان ڳوٺ فقير فيض محمد هيسباڻي ۾ اشرف فقير هيسباڻي پنهنجي زال 47 سالن جي مسمات گوهر خاتون کي پسٽل جا فائر ڪري گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي. ڳوٺاڻن مطابق قتل جو ڪارڻ گهرو اُڻبڻت ٻڌائي پئي وڃي. جڏهن ته گهراوري کي قتل ڪندڙ جوبدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. مقتول جو لاش ٻانڌي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو آهي. جڏهن ته واقعي جو اڃا تائين ڪيس داخل نه ڪيو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو