گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ڪيس ۾  اڳڀرائي رپورٽ طلب

گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي ڪيس ۾ اڳڀرائي رپورٽ طلب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ مختلف علائقن مان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت داخل درخواستن تي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش رفت رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مختلف علائقن مان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي.اڄوڪي ٻڌڻي تي گم ٿيل شهرين جا وارث ۽ وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيا.عدالت جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته شهرين جي بازيابي لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن؟ جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته شهرين جي بازيابي لاءِ سڄي ملڪ جي ادارن کي خط موڪليا ويا آهن، جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا ڪيترائي اجلاس ٿي چڪا آهن. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ضلعي اولهه مان گم ٿيل شهري محمد يوسف جي بازيابي لاءِ ڪهڙي ڪارروائي ڪئي وئي؟ان تي جاچ آفيسر چيو ته عدالتي حڪم کانپوءِ جي آءِ ٽي جو اجلاس ٿيو، درخواستگذار جنهن نمبر تان گم ٿيل شهري سان رابطو ڪيو اهو نمبر پوليس کي فراهم ناهي ڪيو ويو.سنڌ هاءِ ڪورٽ شهرين جي بازيابي لاءِ ڪارروائي جاري رکڻ جو حڪم ڏيندي جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جو اجلاس گهرائڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ آفيسر کان پيش رفت رپورٽ پڻ طلب ڪندي وڌيڪ ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو