بنگلاديش ۾ بدترين سيلابي صورتحال 48 لک ماڻهو متاثر

بنگلاديش ۾ بدترين سيلابي صورتحال 48 لک ماڻهو متاثر

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ)بنگلاديش ۾ ٻوڏ سبب 15 ڄڻا فوت ۽ 48 لک ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو آهي. بنگلاديشي ميڊيا موجب ملڪ جا 11 ضلعا هن وقت سخت برساتن کانپوءِ بدترين ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب 4.8 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ 15 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي. مقامي ميڊيا موجب ٻوڏ جي صورتحال ۾ 9 لک ماڻهو ڦاٿل آهن، جڏهن ته ٻوڏ کان متاثر 11 ضلعن ۾ فاني، ڪوميلا، نوڪالي، لڪشمي پور ۽ ٻين ضلعن ۾ 92 سيڪڙو موبائل ٽاور ڊهي پيا آهن، جنهن سبب مواصلاتي نظام لڳ ڀڳ ختم ٿي ويو آهي شهرين جي موبائل فون تي رابطو ڪٽجي ويو آهي..فوج سميت ريسڪيو ادارن پاران امدادي ڪاروايون جاري آهن، هن مهل تائين هڪ لک 88 هزار ٻوڏ ۾ ڦاثل ماڻهن کي ڪيمپن ۾ پهچايو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو