ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هاڻي ڪراچي ۾ وڏي برسات جو خطرو ٽري ويو آهي ۽ برسات جو اهو سلسلو هوائن سبب سنڌ جي وچولي ۽ اترين ضلعن ۽ بلوچستان جي ڏاکڻن ضلعن ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي.پاڪستان ميٽرولوجيڪل ڊپارٽمينٽ يعني ’پي ايم ڊي‘ جي ڇنڇر تي جاري ڪيل الرٽ موجب ڪراچي ۾ اڃا به هلڪي ۽ وچولي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته جيڪب آباد، لاڙڪاڻو، دادو، شڪارپور، گهوٽڪي ۽ سکر جهڙن شهرن ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي. پي ايم ڊي اڳڪٿي ڪئي آهي ته اهو موسمي نظام سنڌ ۾ 19 آگسٽ جي صبح تائين برقرار رهي سگهي ٿو. ان کان اڳ پي ايم ڊي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ گجگوڙ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي هئي. ان دوران پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ اڳ ئي برسات شروع ٿي وئي آهي. لاهور جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ هلڪي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. پنجاب جي ٻين علائقن جهڙوڪ شيخوپوره، رحيم يار خان، قصور ۽ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ به برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.










