فيصل آباد (ويب ڊيسڪ)فيصل آباد ۾ برسات سبب فيڪٽري جي ڇت ڪرڻ سبب 3 مزدور فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.ريسڪيو عملدارن موجب فيصل آباد واري علائقي ۾ برسات سبب فيڪٽري اندر ڪمري جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 3 مزدور فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.ريسڪيو عملدارن موجب ڇت ڪرڻ جو واقعو سيمنٽ جي ڇت ٺاهڻ واري فيڪٽري ۾ پيش آيو.اختيارين جو چوڻ آهي ته فيڪٽري ۾ پورهيتن جي رهائش واري ڪمري جي ڇت مضبوط نه هئي، فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ملبي مان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










