دادو (ن س)دادو ويجهو قبيلائي تڪرار وڌيڪ 3 جانيون ڳڙڪائي ورتيون، شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ گذريل ڏينهن کان شروع ٿيل ڇڪتاڻ خوني ويڙهاند ۾ تبديل، عورت سميت وڌيڪ 3 ڄڻا مارجي ويا موندر واري علائقي ۾ ڌرين طرفان مورچابند ٿي سڄي رات هڪ ٻئي مٿان فائرنگ، عورت عزت خاتون، صابر ۽ شوڪت شاهاڻي مارجي ويا، گذريل ڏينهن مظهر شاهاڻي جي قتل کانپوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي، مارجي ويلن جو انگ وڌي 4 ٿي ويو، ڌرين ۾ فائرنگ سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو










