ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن اڄ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ 5 پئسا واڌ ٿي وئي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 5 پئسا مهانگو ٿي 278 رپيا 60 پئسا ٿي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 55 پيسا تي هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ نئين ڪاروباري هفتي جي شروعات ۾ مثبت رجحان ڏٺو ويو، جيڪو بعد ۾ مخلوط رجحان ۾ تبديل ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 11 پوائنٽن جي واڌ سان 78 هزار 581 تي پهچي ويو.ڪاروبار دوران هن وقت تائين انڊيڪس 78 هزار 886 جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انڊيڪس 78,569 پوائنٽس تي بند ٿيو.










