معاشي ترقي لاءِ برطانوي ماهرن جي نگراني ۾ 5 ساله رٿا تيار

معاشي ترقي لاءِ برطانوي ماهرن جي نگراني ۾ 5 ساله رٿا تيار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ)پاڪستاني معيشت جي ترقيءَ لاءِ برطانوي اقتصادي ماهر جي نگرانيءَ ۾ 5 سالن جو پلان تيار ڪيو ويو.حڪومتي ذريعن موجب معيشت کي بهتر بڻائڻ جو منصوبو 14 آگسٽ تي جاري ٿيڻ جو امڪان آهي، منصوبي جو افتتاح وزيراعظم شهباز شريف ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته تجويز ڪيل اقتصادي ايجنڊا ۽ روڊ ميپ ۾ 5 سالن جو منصوبو پيش ڪيو ويندو، تجويز ڪيل اقتصادي منصوبي کي اسٽيفن ڊرڪن پلان جو نالو ڏنو ويو آهي، سال 2028 تائين 6 سيڪڙو سالياني معاشي ترقي جو هدف تجويز ڪيو ويو آهي.سڌارن ذريعي 2028ع تائين برآمدي هدف کي 60 ارب ڊالرن تائين آڻڻ جو منصوبو پيش ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب تجويز ڪيل منصوبي تحت نجي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ برآمدات ۾ واڌ کي ترجيح ڏني وئي آهي، سڌارن جي ڪاميابي سان هر سال 10 لک روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.ذريعن موجب تجويز ڪيل منصوبي ۾ توانائي ۽ ڪاروباري خرچن ۾ گهٽتائي جي تجويز پڻ شامل آهي.حڪومتي ذريعن جو چوڻ آهي ته چين کان پاڪستان کي ٽيڪنالاجي منتقل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.چين سان گڏيل منصوبن ذريعي برآمدات کي فروغ ڏيڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته جي ڊي پي ۾ ٽيڪس 13.5 سيڪڙو ۽ سيڙپڪاري ۽ ايڪسپورٽ 15 سيڪڙو وڌائڻ جي تجويز به تجويز ڪيل منصوبي تي عملدرآمد لاءِ سياسي استحڪام ضروري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو