چمن ۾ ماسٽر پلان تي عمل معاهدي موجب ٿيندو: چيف جسٽس

چمن ۾ ماسٽر پلان تي عمل معاهدي موجب ٿيندو: چيف جسٽس

چمن (ويب ڊيسڪ)چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ جسٽس محمد هاشم خان ڪاڪڙ چمن جو دورو ڪيو، جتي کيس چمن ماسٽر پلان بابت بريفنگ ڏني وئي.زمين الاٽ ڪندڙ قبائلين ماسٽر پلان معاهدي جي حوالي سان چيف جسٽس کي پنهنجي شڪايتن کان آگاهه ڪيو.ان موقعي تي ڳالهائيندي بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته ماسٽر پلان تي عملدرآمد علائقي جي رهواسين سان ٿيل معاهدي موجب ٿيندو.ان کان علاوه چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ چمن جي تعمير هيٺ ڪيڊٽ ڪاليج جو دورو پڻ ڪيو.چيف جسٽس چمن ڪيڊٽ ڪاليج جو منصوبو ڊسمبر 2024ع تائين هر حال ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي ملا عبدالسلام لائبريري کي ڊجيٽلائيز ڪرڻ جو به اعلان ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو