پرڏيهي کاتي ۾ وڏي پيماني تي تبديلين جو فيصلو

پرڏيهي کاتي ۾ وڏي پيماني تي تبديلين جو فيصلو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزارت ۾ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ وڏيون تبديليون ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي رٽائر ٿي رهيو آهي، سندس جاءِ تي يورپي يونين جي سفير آمنه بلوچ کي پرڏيهي سيڪريٽري بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته پرڏيهي آفيس جو نئون ترجمان به مقرر ڪيو پيو وڃي. جيو نيوز جي اعزاز سيد پنهنجي ذريعن جي حوالي سان خبر ڏني آهي ته پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ کي فرانس ۾ سفير مقرر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته جانباز خان برونائي ۽ محمد سليم کي ڪئناڊا ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر مقرر ڪيو پيو وڃي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪويت ۾ پاڪستاني سفير محمد فاروق کي ڏکڻ آفريڪا ۾ هاءِ ڪمشنر بڻايو پيو وڃي جڏهن ته يو اي اي ۾ مقرر فيصل نياز کي بيلجيم ۽ يورپي يونين ۾ نئون سفير بڻائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو