عاليه حمزا کي نئين ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان اڳ اجازت وٺڻ جو حڪم

عاليه حمزا کي نئين ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان اڳ اجازت وٺڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عاليه حمزا کي 29 آگسٽ تائين نئين ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.جسٽس علي باقر نجفي عاليه حمزه جي مڙس جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران عدالت درخواستگذار جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته عاليه حمزا جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا وڃن.بعد ۾ عدالت حڪم ڏنو ته هاءِ ڪورٽ جي اجازت کانسواءِ ڪو به ادارو عاليه حمزا کي گرفتار نه ڪري.ان سان گڏ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي اٽارني جنرل کان به رپورٽ طلب ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو