حيدرآباد (رپورٽر) صوبائي وزير آبپاشي ۽ خوراڪ کاتو ڄام خان شورو ۽ صوبائي وزير بلديات، هائوسنگ ٽائون پلاننگ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سنڌ سعيد غني جي صدارت ۾ رين ايمرجنسي جي حوالي سان شهباز هال حيدرآباد ۾ اجلاس منعقد ٿيو ان موقعي تي گڏجاڻي سان ڳالهائيندي صوبائي وزير بلديات،، هائوسنگ ٽائون پلاننگ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سنڌ سعيد غني چيو ته پي ڊيم ايم اي پاران تازي وارننگ بعد برساتن جي صورتحال ۽ انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ هي اجلاس طلب ڪيو ويو آهي _ هن چيو ته هن وقت تائين جيڪا حيدرآباد يا سنڌ ۾ برسات پئي آهي ان جا معاملات ڪنٽرول ۾ آهن پر جيڪڏهن وڌيڪ برساتون پيون ته ڪجهه مشڪلاتون اچي سگهن ٿيون ۽ انهن مشڪلاتن کان عوام کي بچائڻ لاءِ سمورا ادارا ، انهن جا ملازم ۽ آفيسرزفيلڊ ۾ موجود آهن _ هن واسا جي بريفنگ ٻڌڻ بعد چيو ته هرمهيني واسا گرانٽ گهري رهي آهي، برسات جي مند ۾ واسا کي گرانٽ ملندي پر هر مهيني گرانٽ ملڻ ممڪن ناهي _ صوبائي وزير چيو ته اڄ لوڪل گورنمينٽ جا نمايندا موجود آهن انهن کان مدد ورتي وڃي _هن چيو ته جتي حيسڪو ۽ بجلي جا مسئلا آهن اتي بيڪ اپ پلان تيار ڪيو وڃي _گڏجاڻي ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير آبپاشي ۽ خوراڪ ڄام خان شورو چيو ته برساتن دوران ڪينالن جي پاڻي ۾ گهٽتائي ڪئي ويندي ، سال 2022 جي ٻوڏ ۾ جتي به مشينري لڳائي وئي هئي ان پلان کي ورجايو وڃي ۽ ان پلان جي تحت اضافي پوانٽس کي ملائي مشينري لڳائي وڃي _ صوبائي وزير چيو ته واسا جي تياري هئڻ گهرجي ڪجهه حساس پمپنگ اسٽيشنن تي ايڪسپريس فيڊر شروع ڪيا وڃن _ حيدرآباد ۾ ڪجهه پمپنگ اسٽيشنون گريوٽي تي ناهن انهن تي جنريٽر جو انتظام ڪيو وڃي _ ڄام خان شورو چيو ته واسا پنهنجي ريڪوري بهتر بڻائي گورنمينٽ جا ادارا واسا کي بلز ڏئي رهيا آهن _ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سيد خالد حيدر شاهه چيو ته گهڻو برساتي پاڻي ڪينالن ۽ سنڌودرياهه ۾ نيڪال ڪيو ويندو آهي _ هن چيو ته پهريان به اجلاس ڪوٺائي واسا جا مسئلا حل ڪيا آهن ۽ هن دفعي به ايمرجنسي صورتحال ۾ واسا جون ضرورتون پوريون ڪنداسين _گڏجاڻي ۾ بريفنگ ڏيندي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ چيو ته حيدرآباد ۾ هڪ سئو ملي ميٽر برسات جي نيڪالي جي گنجائش آهي جيڪڏهن برسات وڌيڪ پئي ته وڌيڪ مشينن جي ضرورت پوندي ۽ ايمرجنسي جي صورتحال جڙندي _ هن اجلاس کي ٻڌايو ته حيدرآباد ۾ 118 ڊسپوزل اسٽيشنون آهن جن مان ڪجهه کي جنريٽرجو بيڪ اپ آهي باقي بجلي تي آهن جڏهن ته 243 پمپ ٺهرايا ويا آهن ۽ پمپنگ اسٽيشنن تي 641 عملو مقرر آهي _ اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ چيو ته اين ڊي ايم اي جي اڳڪٿي آهي ته هلندڙ سال برساتون 2022 وانگر آهن اسان پروٽيڪشن بندن جي حفاظت لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون تمام کاتن جي آفيسرن ۽ عملي جون موڪلون منسوخ ڪيون ويون آهن.










