لاهور: (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته مسلم ليگ(ن) جا 2015 ۾ لڳايل بجلي جا پلانٽ سمورن مسئلن جو سبب بڻيل آهن.فواد چوڌري چيو ته هاڻ اهو مطالبو ته انهن پلانٽس کي بند ڪيو وڃي يا ڪهڙي به طرح انهن جون ادائگيون روڪيون وڃن ته اهو هاڻ ممڪن نه آهي.هن چيو ته اهي سمورا پلانٽ رياست پاڪستان جي گارنٽي تي لڳل آهن ۽ انهن سان عدالتن جو عمل دخل ختم ڪيو ويو هو. جڏهن ته گهڻو ڪري اهي سينگاپور ۾ چيلينج ٿيندا آهن ۽ ٻئي طرف چين سان لاڳاپا به خراب ٿي رهيا آهن.فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته اهڙي صورتحال ۾ ڪجهه نه ٿيندو پر جماعت اسلامي جيڪڏهن ايترو پري کان عطا تارڙ سان ڳالهيون ڪرڻ آئي آهي ته ته پوءِ انهن جي سياست کي نقصان ٿيندو. هن چيو ته جماعت اسلامي کي گهرجي ته هاڻ اپوزيشن پارٽين تحريڪ انصاف ۽ جمعيت علماءِ اسلام کي گهرائي ٻين معاملن کي تحريڪ جو حصو بنائي.










