سيد مصطفيٰ شاهه خلاف هلندڙ خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي؛ لنجار

سيد مصطفيٰ شاهه خلاف هلندڙ خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي؛ لنجار

نوابشاھ (اي ڪي ڏاهري) اڳوڻي صوبائي وزير پ پ ۽ شهيد بينظير آباد ڊيزن جي صدر ضياءُالحسن لنجار ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته سڪرنڊ ۽ قاضي احمد مان چونڊيل ايم اين اي سيد غلام مصطفي شاھ جي خاندان ۽ سندس ذاتي سڪرنڊ ۽ قاضي احمد جي عوام لاءِ ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. ايم اين اي سيد غلام مصطفي شاھ هميشه عوام جي حقن ۽ خدمت ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي جنهن جي ڪري هو مسلسل 4 ڀيرا ايم اين اي منتخب ٿيو آهي. هن چيو ته ايم اين اي سيد غلام مصطفي شاھ جي خلاف هلندڙ خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي هو پارٽي جو ڪارڪن آهي هن پارٽي کي ترجيهه ڏني آهي ۽ هو پارٽي جي هر ڪم تي لبيڪ چوندو آهي هن اڳ ۾ به پنهنجي تڪ جي عوام جي خدمت ڪئي آهي ۽ مستقبل ۾ به هو عوام جي خدمت ڪندو. هن چيو ته ايم اين اي سيد غلام مصطفي شاھ تي پارٽي جو اعتماد آهي ۽ سندس عوام جي لاءِ ڪيل خدمتن تي پارٽي به سندس قدر ڪري ٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو