9 مئي انڪوائري،حڪومت جو پشاور هاٰءِ ڪورٽ جي چيف کي خط

9 مئي انڪوائري،حڪومت جو پشاور هاٰءِ ڪورٽ جي چيف کي خط

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه حڪومت پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم کي 9 مئي سانحي جي جوڊيشل انڪوائري لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي.خيبرپختونخواهه جي قانون واري وزير آفتاب عالم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هن چيف جسٽس اشتياق ابراهيم کي 9 مئي سانحي بابت جوڊيشل ڪميشن جي قيام لاءِ خط لکيو آهي. خط صوبائي حڪومت جي اسٽيبلشمينٽ اينڊ ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ طرفان موڪليو ويو آهي.آفتاب عالم وڌيڪ چيو ته پشاور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس هاڻي ڪميشن جي نالن جو اعلان ڪندو ۽ عدالتي ڪميشن جو سربراهه پشاور هاءِ ڪورٽ جو جج هوندو. خط ۾ 9 مئي جي واقعن بابت عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو