دادو (ويب ڊيسڪ)دادو جي مسان محلا جي ماحولياتي نمونن ۾ به پوليو وائرس جي تصديق ٿي.ان حوالي سان اختيارين جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال دادو جي ماحولياتي نمونن ۾ پهريون ڀيرو پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي، دادو کان علاوه 8 وڌيڪ ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ به پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته اسلام آباد، راولپنڊي، حيدرآباد، ڪراچي، لورالائي ۽ ڪوئيٽا جي ماحولياتي نمونن ۾ به پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين 52 ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو جو وائرس مليو آهي ۽ 9 ٻار پوليو ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن.










