ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمدحسين محنتي چيو آهي ته موجوده حڪومت مهانگائي سميت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ثابت ٿي آهي، 08 فيبروري جون چونڊون تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڌانڌلي زده چونڊون هيون جن ۾ عوام جي چونڊيل نمائندن بدران اسٽيبلشمنٽ مسترد ڪيل ڪرپٽ ۽ نااهل ماڻهن کي قوم مٿان مسلط ڪري ڇڏيو جنهن جي ڪري اڄ ملڪ معاشي، سياسي عدم استحڪام ۽ دهشتگردي جو شڪار آهي، جماعت اسلامي ملڪ ۾ قرآن ۽ سنت واري نظام لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، 26 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ بجلي بلن ۾ اضافي، ظالماڻين ٽيڪسز خلاف حافظ نعيم الرحمان جي قيادت ۾ تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو جنهن ۾ سموري سنڌ مان عوام ڀرپور شرڪت ڪري حڪمرانن کي ظالماڻين ٽيڪسن ۽ بجلي بلن ۾ گهٽتائي لاءِ مجبور ڪندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميهڙ ۽ دادو ۾ اسلام آباد ۾ رٿيل ڌرڻي جي تيارين جي سلسلي ۾ ميڙاڪن کي خطاب ڪندي ڪيو. ضلعي امير عبدالرحمان مڱريو، جنرل سيڪريٽري محمد موسى ٻٻر، امتياز چانڊيو پڻ خطاب ڪيو. مقامي اڳواڻن صوبائي امير کي اسلام آباد ڌرڻي ۾ شرڪت جي حوالي سان ٿيندڙ تيارين جي باري ۾ آگاه ڪيو. صوبائي امير جو وڌيڪ چوڻ هو ته بجلي، گيس ۽ پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ لاڳيتو اضافو ڪري عوام جو رت چوسيندڙ آءِ پي پيز جا مالڪ موجوده حڪومت ۾ شامل آهن، بجلي پيدا نه ڪندڙ ڪمپنين کي به عوام کان غنڊه ٽيڪس وصول ڪري اربين رپيا ڏنا پيا وڃن، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته عوام کي آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدن کان آگاهه ڪيو وڃي ۽ اُهي معاهدا ختم ڪيا وڃن. جماعت اسلامي حڪمرانن کي آءِ پي پيز ذريعي ڦُرلُٽ ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ ملڪيتون ٺاهڻ جي هرگز اجازت ڪونه ڏيندي ۽ انهن خلاف ڀرپور مزاحمتي پُرامن جدوجهد جاري رکي ويندي. 26 جولاءِ تي اسلام آباد ۾ رٿيل ڌرڻو پڻ انهيءِ سلسلي جي ڪڙي آهي، عوامي حقن جي حفاظت ڪرڻ واريون دعوائون ڪندڙ جماعتون ظلم خلاف خاموش تماشائي بڻيل آهن فقط جماعت اسلامي ئي ميدان ۾ بيٺل آهي ڇو ته ٻيون سڀئي جماعتون سسٽم ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن، ماڻهو ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن ته ٻي طرف حڪمرانن جي شاهي خرچن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي، صدرزرداري پاران صدارتي محل جي بجيٽ ۾ ڪروڙين رپين جو اضافو ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي. شريف حڪومت جي ظالماڻي بجيٽ، ٽيڪسز، بجلي، گيس جي اگهن ۾ اضافي واري هر فيصلي ۾ پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم توڙي (ق) ليگ برابر جون شريڪ آهن. بجيٽ ۾ مصالن،کائڻ پيئڻ جي شين سميت هر شيءِ تي ٽيڪس لڳائي عوام کان باعزت طريقي سان زنده رهڻ جو حق به کسيو ويو آهي، اهڙي ظالم ۽ عوام دشمن حڪمرانن خلاف ميدان ۾ اچڻ امام عالي مقام حضرت حسين عليه السلام جي سنت آهي.










