ڪابل: (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي صوبي ننگرهار ۾ تيز هوائن سان تيز برسات تباهي مچائي ڇڏي آهي، برسات سبب مختلف حادثن ۾ 47 ڄڻا فوت ٿي ويا.افغان ميڊيا موجب ننگرهار ۾ تيز هوائن سان تيز برسات سبب مختلف حادثن ۾ 350 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. افغان اختيارين موجب لاڳيتو برسات سبب 400 ڪچا گهر به تباهه ٿي ويا ۽ بجلي جي فراهمي پڻ معطل ٿي وئي، تيز برسات سبب مواصلات جو نظام به درهم برهم ٿي ويو آهي.افغان اختيارين چيو آهي ته ٻن ڏينهن کان جاري برسات کان پوءِ متاثر علائقن ۾ امدادي سرگرميون جاري آهن. ياد رهي ته مئي ۾ به افغانستان جي اترين صوبي بغلان ۾ طوفاني برسات سبب ٿيندڙ حادثن ۾ 300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته سوين گهر تباهه ٿي ويا هئا.










