نوابشاهه (اي ڪي ڏاهري) دوڙ ڀرسان مھراڻ ھاءِ وي ريلوي فلاءِ اوور وٽ مسافر وين ۽ ٽريڪٽر ٽرالي وچ ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ اسڪولي شاگردن سميت 10 مسافر زخمي ٿي پيا. اھڙو اطلاع ملڻ تي دوڙ پوليس حادثي واري هنڌ پهچي ٽريڪٽر ٽرالي ۽ مسافر وين کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي زخمين کي دوڙ اسپتال منتقل ڪيو.

زخمين ۾ امير بخش بروھي، محمد صلاح، بچل لعل محمد، عبدالرحمٰن ۽ ٻيا شامل آهن جيڪي ٻانڌي شھر ۽ ان جي آس پاس جا ٻڌايا پيا وڃن. جڏھن ته عبدالرحمٰن غوري ۽ امير بخش بروھي کي نازڪ حالت ۾ نوابشاھ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي مسافر وين ٻانڌي کان نوابشاھ وڃي رھي ھئي ته حادثو پيش آيو.










