الشفا اسپتال جي ڊائريڪتر سميت 55 فلسطيني آزاد

الشفا اسپتال جي ڊائريڪتر سميت 55 فلسطيني آزاد

تل ابيب (ويب ڊيسڪ)اسرائيل غزه جي سڀ کان وڏي اسپتال الشفا جي سربراهه محمد ابو سلميه سميت 55 فلسطينين کي آزاد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري ’اي ايف پي‘ جي رپورٽ موجب اسرائيل غزه ۾ الشفا اسپتال جي ڊائريڪٽر محمد ابو سلميه کي 7 مهينن تائين حراست ۾ رکڻ کانپوءِ آزاد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ان سان گڏ ڪيترائي فلسطيني قيدي به پهچي ويا. غزه جي صحت واري وزارت جي هڪ ذريعن سندس آزاد ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي فوج محمد ابو سلميه کي گذريل سال الشفا اسپتال تي ڇاپي دوران حراست ۾ ورتو هو. ديرالبلاح ۾ الاقصي اسپتال جي هڪ طبي ذريعن اي ايف پي کي ٻڌايو ته محمد ابو سلميه سميت ٻيا آزاد ٿيل فلسطيني خان يونس جي اوڀر طرف اسرائيل کان غزه واپس آيا.

پهنجو تبصرو موڪليو