اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ سينيٽر فيصل سبزواري چيو آهي ته جيڪڏهن اسان ملڪ ۾ سيڙپڪاري چاهيون ٿا ته انتهاپسندي جي عفريت تي ضابطو آڻڻو پوندو.سينيٽ ۾ ڳالهائيندي فيصل سبزواري چيو ته سوات ۾ توهين رسالت جي الزام ۾ ڪو مسلمان کي جيئرو ساڙي رهيو آهي، ڪڏهن گوجرا، ڪڏهن سرگوڌا ۽ ڪڏهن ڪراچي ۾ اقليتن سان اهڙيون ظلم جون خبرون اچي رهيون آهن.هن چيو ته ملڪ ۾ معيشت ۽ سيڙپڪاري جي بحالي لاءِ انتهاپسندي جا واقعا بند ٿيڻ گهرجن.فيصل سبزواري چيو ته زباني جمع خرچ بدران عملي قدم کڻڻ گهرجن.










