پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت حڪومت ٺاهي، بلاول ڀٽو

پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت حڪومت ٺاهي، بلاول ڀٽو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن وچ ۾ معاهدي تحت ٺاهي وئي آهي.قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته معاهدي تحت پي ايس ڊي پي گڏيل مشاورت سان ٺهڻ گهرجي ها.جيڪڏهن اسان ملون ها ته شايد ڪو بهتر حل نڪري ها.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم ۽ ناڻي واري وزير کي صلاح آهي ته اتحادين ۽ مخالف ڌر سان صلاح مشورا ڪرڻ گهرجن ها.وزيراعظم ميثاق معيشت جي ڳالهه ڪئي، چارٽر آف اکنامي کي ڪٿي به ڊڪٽيٽ نٿو ڪري سگهجي، چارٽر آف اکنامي معيشت جي ترقي ۾ پهريون قدم هوندو.ان کانسواءِ مسئلا حل نٿا ٿي سگهن، جيڪڏهن قومي چارٽر آف اڪانومي ٺاهڻو آهي ته سڀني سان صلاح مشورو ڪرڻو پوندو.هن چيو ته مهانگائي ۾ ڪجهه گهٽتائي آئي آهي، اميد آهي ته حڪومت پاليسي جاري رکندي، عوام جا مسئلا گهٽ ڪري کين مسئلن مان ڪڍيو ويندو، اسان کي خبر آهي ته عوام جا مسئلا ڪهڙا آهن.بلاول ڀٽو چيو ته جيڪڏهن صوبا هدف حاصل نه ڪندا ته پنهنجي بجيٽ مان هدف پورا ڪندا، صوبا اضافي روينيو سر پلس سيلز ٽيڪس جي مد ۾ رکندا.بلاول ڀٽو چيو ته اميد آهي ته وزيراعظم ۽ سندس ٽيم پاڪستان کي مشڪلاتن مان ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي، حڪومت هن وقت تائين مهانگائي کي ٿورو گهٽ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي. اميد آهي ته عوام مهانگائي ۾ گهٽتائي محسوس ڪري سگهندو.هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي حجم ۾ 27 سيڪڙو اضافو ساراهه جوڳو آهي.بلاول ڀٽو چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ باجوه نظريي جي نالي تي مخالفن کي نشانو بڻايو ويو.پاڪستان جي بنيادي مسئلي جي دفاع لاءِ متحد آهيون، ارڙهين ترميم، اين ايف سي ايوارڊ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي هن چيو ته اسان جو سياسي فلسفو ترقي پسند ٽيڪس تي يقين رکي ٿو، اسان هن وقت تائين عام ماڻهو کي روينيو جي حوالي سان رليف ڏيڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون، هر بجيٽ ۾ اڻ سڌي طرح ٽيڪس لڳائڻ تي زور ڏنو ويندو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو