لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت گلبرگ ۾ ڪنٽينر ساڙڻ، مسلم ليگ هائوس کي باهه ڏيڻ سميت 9 مئي سانحي جي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن عمر سرفراز چيما، اعجاز چوڌري، ياسمين راشد ۽ محمود الرشيد جي ضمانت منظور ڪري ورتي. شاهه محمود قريشي ۽ ٻين جي ضمانت بعد ٻڌڻي ٿي.اي ٽي سي جج ارشد جاويد موڪل تي هجڻ سبب ڊيوٽي جج ٻڌڻي ڪئي.دهشتگردي ٽوڙ عدالت اسپيشل پراسيڪيوٽر جي درخواست تي ضمانت جي ٻڌڻي 3 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.عدالت استغاثه کي هدايت ڪئي ته جوابدارن جي ضمانت تي دليل مڪمل ڪيا وڃن.










