امن جي فروغ ۾ سفارتڪار عورتن جو ڪردار اهم آهي: مريم نواز

امن جي فروغ ۾ سفارتڪار عورتن جو ڪردار اهم آهي: مريم نواز

لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته امن جي فروغ ۾ سفارتڪاري ۾ عورتن جو ڪردار اهم آهي. ڊپلوميسي جي عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ مريم نواز چيو ته اڄوڪو ڏينهن عورتن جي سفارتڪارن جي غيرمعمولي خدمتن کي تسليم ڪرڻ لاءِ ملهايو پيو وڃي.هن چيو ته هي ڏينهن اسان کي سفارتي ميدان ۾ صنفي برابري لاءِ کنيل قدمن جي ياد ڏياري ٿو، عورتن کي سمورن شعبن ۾ اڳتي وڌڻ جا برابر موقعا آهن.مريم نواز جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ صنفي برابري جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، سماجي ترقي عورتن جي ترقي سان تمام گهرو ڳنڍيل آهي.پنجاب جي وڏي وزير چيو ته ڊاڪٽر مليحه لوڌي ۽ ٻين سفارتي ڪاميابين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، عورتن کي سفارتڪاري ۽ بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ڪيريئر ڏيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو