اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آزاد ڪشمير ۾ ايف سي اهلڪارن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي.آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سان گهرو وزارت محسن نقوي ملاقات ڪئي، جنهن دوران آزاد ڪشمير ۾ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ملاقات ۾ آزاد ڪشمير جي نئين مالي سال جي بجيٽ تي به غور ڪيو ويو.ان موقعي تي ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته هو آزاد ڪشمير ۾ امن جي قيام لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندا ۽ سيڪيورٽي جا انتظام بهتر ڪيا ويندا.محسن نقوي جو اهو به چوڻ آهي ته آزاد ڪشمير جي عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهيا آهيون، پاڪستان حڪومت آزاد ڪشمير جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهي.










