ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر 8 پئسا مهانگو ٿي ويو آهي.انٽر بئنڪ ايڪسچينج ريٽ ۾ 8 پئسا واڌ کانپوءِ ڊالر 278 رپيا 45 پئسا ٿي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 37 پئسا تي هو. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس مثبت شروعات کانپوءِ اڄ منفي ٿي ويو.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 233 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 73 هزار 18 تي پهچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 73 هزار 252 پوائنٽس تي بند ٿيو.










