لاهور (ويب ڊيسڪ)چين جي فوٽ ويئر انڊسٽري جي وفد لاهور ۾ ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جو دورو ڪيو ۽ پاڪستان ۾ 22 ارب رپين جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو.ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل رافعه سيد جو چوڻ آهي ته چيني واپارين ۽ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون.ان موقعي تي پاڪستان فوٽ ويئر ٺاهيندڙ ايسوسيئيشن جو چيئرمين منصور احسان پڻ موجود هو.چيني وفد لاهور ۽ شيخوپوره ۾ شو فيڪٽرين جو دورو ڪيو ۽ هڪ ايم او يو تي صحيحون پڻ ڪيون.وفد پهرين مرحلي ۾ 2 ارب ۽ ٻئي مرحلي ۾ 20 ارب رپين جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪيو.ڊي جي ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي رافعه سيد وفد کي ٻڌايو ته فوٽ ويئر انڊسٽري 10 لک ماڻهن کي روزگار فراهم ڪري ٿي جڏهن ته پاڪستان جوتن جو ستين نمبر وڏو ملڪ آهي.










