لنڊن (ويب ڊيسڪ)ڪلاڊيا شين بام ميڪسيڪو جي صدارتي اليڪشن کٽي ورتي ۽ ملڪ جي پهرين عورت صدر بڻجي وئي.ميڪسيڪو جي سرڪاري اليڪشن اٿارٽي جو چوڻ آهي ته آچر جي چونڊن جا ابتدائي نتيجا ڏيکاريا آهن ڪلاڊيا شين بام 58 کان 60 سيڪڙو ووٽن سان کٽي.برطانوي ميڊيا رپورٽن موجب شين بام کي پنهنجي ڪاروباري عورت مخالف زوشيل گلوز تي 30 سيڪڙو برتري حاصل آهي.چونڊن ۾ ڪاميابي تي عوام جو شڪريو ادا ڪندي شين بام چيو ته مان توهان کي ناڪام ٿيڻ نه ڏيندس.رپورٽن مطابق، شينبام هڪ توانائي سائنسدان ۽ ميڪسيڪو سٽي جي اڳوڻي ميئر آهي.شينبام 1 آڪٽوبر 2024 تي عهدي جو حلف کڻندو ۽ ميڪسيڪو جي صدارت سنڀاليندو.










