ويانا(ويب ڊيسڪ)ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن انڪشاف ڪيو آهي ته سڄي دنيا ۾ 13 کان 15 سالن جي وچ ۾ 3.7 ملين ٻار تمباکو استعمال ڪري رهيا آهن،ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن تمباکو جي استعمال جي حوالي سان هڪ رپورٽ جاري ڪئي، جنهن موجب تمباکو انڊسٽري ٻارن کي نيڪوٽين جو عادی بڻائڻ لاءِ ميون جي ذائقي جو استعمال ڪري رهي آهي.ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي ڊائريڪٽر جنرل چيو ته تمباکو انڊسٽري اسڪولن ۾ وڃي ٻارن کي نيڪوٽين جو عادي بڻائي رهي آهي، ٻارن کي تمباکو ۽ نيڪوٽين جو عادي بڻائڻ سڀ کان وڏو ڏوهه آهي.صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته اليڪٽرانڪ سگريٽ 16 هزار فليورن ۾ وڪرو ٿي رهيون آهن، ٻارن کي تمباکو جي عادت کان روڪڻ لاءِ سخت قانون سازي ڪئي وڃي، خوشگوار ذائقي واري اليڪٽرانڪ سگريٽ تي پابندي لڳائي وڃي.صحت جي عالمي اداري تمباکو جي صنعت جي گمراهه ڪندڙ مهم بابت ٻارن کي آگاهي ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي.










