لنڊن (ويب ڊيسڪ)انگلينڊ جي فاسٽ بالر جيمز اينڊرسن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.انگلش ٽيم جو مشهور فاسٽ بالر جيمز اينڊرسن هن سيزن جي آخر ۾ ريٽائر ٿي ويندو، هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 700 وڪيٽون حاصل ڪندڙ ٽيون ۽ واحد فاسٽ بالر آهي.برطانوي اخبار گارڊين موجب انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ برينڊن ميڪولم تازو ئي انگلينڊ جي دوري تي آيو، جنهن ۾ هن جيمز اينڊرسن کي چيو ته انگلش ٽيم جون نظرون هاڻي مستقبل تي آهن ۽ هو هن سيزن ۾ ڪرڪيٽ کي ڇڏي ڏي.جنهن کان پوءِ جيمز اينڊرسن اعلان ڪيو آهي ته هو ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ کانپوءِ ريٽائرمينٽ وٺندو.










