سکر (جئيرام داس ) جھانگڙو لنڪ روڊ تي پوليس جي گشتي ٽيم جو ڏوھارين سان مبينا مقابلو، هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي. جھانگڙو ٿاڻي جي پوليس موجب گشتي ٽيم جو جھانگڙو لنڪ روڊ تي ڦر جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين سان مقابلو ٿي پيو، ڦورو امير تيغاڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو ۽ ان جا ساٿي فرار ٿي ويا. جوابدار پوليس کي مختلف ٿاڻن تي ڦر ۽ پوليس مقابلن سميت مختلف ڪيسن ۾ گهربل هو زخمي جوابدار کي علاج لاءِ سکر سول اسپتال داخل ڪيو ويو.










