افغان فورسز جي فائرنگ ۾ 6 فوجي جوانن سميت 11 زخمي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحد تي فورسز جي جهڙپن ۾ 6 پاڪ فوج جي جوانن سميت 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوجي ترجمان موجب افغانستان جي صوبي ڪنڙ مان چترال جي ڳوٺ آراندو تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ عور سميت 5 شهري ۽ 6 جوان زخمي ٿي پيا. پاڪستاني فوج جي جوابي ڪاروائي ۾ افغان فوج جي چوڪين کي زبردست نقصان پهتو. افغان فورسز مارٽر گولا فائر ڪيا ۽ هيوي مشين گنز سان فائرنگ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي فوجي آفيسرن جي رابطي بعد فائرنگ بند ٿي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو