پڪنڪ تي آيل ڪراچي واسي ڪينجهر ۾ ٻڏي فوت

پڪنڪ تي آيل ڪراچي واسي ڪينجهر ۾ ٻڏي فوت

ٺٽو ( جاويد لطيف ميمڻ ) عيد جي ٽئين ڏينھن ڪينجھر ڍنڍ تي گُھمڻ لاءِ آيل ڪراچي سان تعلق رکندڙ نوجوان وھنجندي ٻڏي فوت ٿي ويو. جنھن جو لاش مقامي ٽوٻن ذريعي ڪڍي ڪينجھر ريسيڪيو سينٽر منتقل ڪيو ويو نوجوان ٽيوب تي ترندي گھري پاڻي ۾ ھليو ويو جنھن سبب ٻڏي ويو نوجوان جي سُڃاڻپ نديم منھاس ولد احمد منھاس طور ٿي آھي جيڪو ڪراچي شھر جي شاھراھ فيصل جو رھائشي ٻڌايو پيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو