ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هر قيمت تي ڪراچي شهر سميت صوبي ۾ امن امان قائم ڪريو ۽ ڏوهارين خلاف ڀرپور ڪاروائي ڪئي وڃي. اهڙو اظهار هن امن امان بابت گهرايل اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بابت اهم اجلاس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي عمران يعقوب، ڊي آءِ جي مقصود حيدر، ايس ايس پي وي سي سي ظفر صديقي، ڊي ايس پي قيصر شاهه، انسپيڪٽر عابد حسين، سب انسپيڪٽر غلام رسول، هيڊ ڪانسٽيبل طارق صمد، خاور يوسف، ليڊي پوليس ڪانسٽيبل عريشا ناز ۽ ٻين پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي.اجلاس کي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پوليس بلديه ۾ ڇاپو هڻي ٻن مغوين عبدالله ۽ شاهد کي آزاد ڪرايو ۽ جوابدارن صابر عنايت رحمان، حيات علي ۽ وحيد الله کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪريو. پوليس موجب اغوا ڪندڙن شاهد ۽ عبدالله کي اٽلي موڪلڻ جو دلاسو ڏئي گهرائي اغوا ڪيو هو. اغوا کانپوءِ نويد اختر فون ڪري ڀنگ جو مطالبو ڪيو. پوليس ڪارروائي ڪري مغوين کي بازياب ڪرايو. اغوا ڪندڙن جو هي گروهه ملڪ کان ٻاهر آهي ۽ ڪراچي ۾ اغوا جي وارداتن ۾ ملوث آهي. اهو گروپ اصل ۾ پاڪستاني آهي پر اهي ڪراچي کان ٻاهر آهي. اسان گروپ جي نشاندهي ڪري ورتي آهي، کين جلد گرفتار ڪنداسين. ايڊيشنل آءِ جي چيو سراسري طور ڪراچي ۾ 166 ڪيس روز داخل ٿين ٿا ءٌ هي شرح ٻين وڏن شهرن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهي، اسين ڪراچي ۾ ڏوهن جي خاتمي لاءِ موثر ڪاروائي جو پلان جوڙيو آهي.وڏي وزير مغوين جي بازيابي جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پوليس ائين ڪم ڪري ته عوام جو اعتماد به بحال ٿيندو. مان پاڻ به جلد پوليس سان ملندس ، پوليس بهتر ڪم ڪري ڏوهن تي ضابطو آڻي سگهي ٿي.










