اسلام آباد (ُبيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط تي اوپن ڪورٽ انڪوائري لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي.ميان دائود ايڊووڪيٽ طرفان سپريم ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي وئي، جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي ته سپريم ڪورٽ جو بااختيار ڪميشن جوڙي وڃي ۽ هاءِ ڪورٽ جي ججن جي خط جي جاچ ڪرائي وڃي.درخواست ۾ ميان دائود ايڊووڪيٽ دليل ڏيندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن جو خط اڳواٽ منصوبا لڳي ٿو، سپريم جڊيشل ڪائونسل اهڙو ادارو ناهي جيڪو اهڙن تڪرارن جي جاچ ڪري.درخواستگذار جو موقف آهي ته ججن جو سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي خط عدليه کي بدنام ڪرڻ جي مترادف آهي، 6 ججن پنهنجي خط ۾ صرف هڪ ڪيس پي ٽي آءِ جي باني جو حوالو ڏنو، ٻئي ڪنهن به ڪيس جو واضح حوالو ۽ ثبوت نه ڏنا.










