سينيٽ اليڪشن: مراد، سواتي ۽ محمود خان جا ڪاغذ رد

سينيٽ اليڪشن: مراد، سواتي ۽ محمود خان جا ڪاغذ رد

پشاور(ويب ڊيسڪ)اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خيبرپختونخواهه ۾ سينيٽ چونڊن لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد، اعظم سواتي ۽ پي ٽي آءِ پارليامينٽرينز جي اڳواڻ محمود خان جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا آهن.اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه مان سينيٽ چونڊن لاءِ اميدوارن جي حتمي لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخواهه ۾ مجموعي طور تي 30 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا آهن.اليڪشن ڪميشن صوبي ۾ جنرل سيٽن لاءِ 16، ٽيڪنوڪريٽ سيٽن تي 8 ۽ عورتن جي 6 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪري ورتا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو