قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ واگها برادري جو احتجاج

قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ واگها برادري جو احتجاج

جيڪب آباد (عبدالنبي شيخ) 23 ڏينهن اڳ جيڪب آباد جي ريلوي اسٽيشن جي پليٽ فارم تي رند برادري جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل زمان واگهو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ واگها برادري جي اڪمل خان واگهو، سيد احسان شاهه، وحيد علي واگهو، قربان واگهو سميت ٻين وڏي انگ ۾ ريلوي پوليس ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڌرڻو هڻي ٽائر ساڙي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي وئي.ان موقعي تي اڳواڻن ٻڌايو ته 23 ڏينهن اڳ جيڪب آباد جي ريلوي اسٽيشن تي رند برادري جي هٿياربندن اربليو رند ۽ رفيق رند فائرنگ ڪري زمان واگهو کي قتل ڪيو هو جنهن بعد ريلوي پوليس هن وقت تائين قتل ڪيس جي مک جوابدار اربيلو رند کي گرفتار ناهي ڪري سگهي. اڳواڻن ريلوي جي وفاقي وزير شيخ رشيد سميت ريلوي پوليس جي اعليٰ عملدارن کان گهر ڪندي چيو آهي ته اسان جي احتجاج جو نوٽيس وٺي زمان واگهو جي قتل ڪيس جي مک جوابدار اربيلو رند کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو