ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ترجمان واٽر ڪارپوريشن پنھنجي جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ چيو تہ ڪي اليڪٽرڪ پاران 2023-24 جي لاءِ اين ئي ڪي فلٽر پلانٽ ٽو تي مينٽينس جو ڪم ڪيو پيو وڃي۽ مينٽينس جي ڪم دوران اين ئي ڪي فلٽر پلانٽ ٽو تي پينل سميت اليڪٽريڪل ۽ اسڪاڊا سسٽم جا نوان آلات نصب ڪيا ويندا جنهن سبب اين اي ڪي فلٽر پلانٽ ٽو تي مڪمل شٽ ڊائون ڪيو ويو آھي، هن چيو تہ مينٽيننس جي ڪم دوران اين اي ڪي فلٽر پلانٽ ٽو جي سمورن فيڊرز تي بجلي جي فراهمي مڪمل طور بند رھندي ۽ شٽ ڊائون جو ٽوٽل مدو 48 ڪلاڪ هوندو، هن چيو تہ مرمتي ڪم سبب شهر کي اين اي ڪي فلٽر پلانٽ ٽو مان 112 ايم جي ڊي پاڻي جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوندو، هن وڌيڪ چيو تہ ته مرمت جي ڪم سبب هائيڊرنٽس سيل سروس عارضي طور تي معطل رهندي ۽ ان سلسلي ۾ صفورا، نيپا ۽ سخي حسن هائيڊرنٽس مان پاڻي جي فراهمي عارضي طور تي معطل ڪئي وئي آھي، ترجمان موجب مرمتي ڪم سبب ڊسٽرڪٽ سينٽرل گلشن اقبال، اسڪيم 33، گلستان جوهر ۽ جمشيد ٽائون جي ڪجھ علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي عارضي طور تي معطل رهندي










