اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اسلام آباد جي احتساب عدالت مان پنهنجي خلاف نوري آباد ريفرنس ۾ ڊگهي تاريخ ورتي.اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ٻين خلاف نوري آباد ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو.پراسيڪيوٽر مسعود ملڪ ۽ مراد علي شاهه جا وڪيل به احتساب عدالت ۾ پيش ٿيا.سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي احتساب عدالت طلب ڪري ورتو.سندس وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته چونڊون مڪمل ٿي چڪيون آهن، سنڌ ۾ حڪومت ٺاهڻي آهي، عدالت کي درخواست آهي ته ڊگهي تاريخ ڏني وڃي.احتساب عدالت درخواست منظور ڪندي مراد علي شاهه خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي 18 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










