سکر (بيورو رپورٽ)سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ “توهين مذهب” ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌايل پروفيسر نوتن لال جي اپيل منظور ڪندي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت ٽرائل ڪورٽ جي عمر قيد جي سزا وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي عدالت اهڙو حڪم جاري ڪيو آهي. پروفيسر نوتن لال جو ڪيس سنڌ جو ناميارو قانوندان ۽ 4 مارچ جو هيرو ماما يوسف لغاري ۽ ايڊووڪيٽ شبير شر وڙهيو. 2022ع ۾ ففٿ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ سکر جي عدالت پروفيسر نوتن لال کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي . 2019 ع ۾ عادلپور واسي پروفيسر نوتن لال خلاف گهوٽڪي پوليس نجي اسڪول جي استادن ۽ مذهب پرستن جي فرياد تي “توهين مذهب” جو ڪيس داخل ڪيو هو. پروفيسر نوتن لال 2019 ع کان سکر سينٽرل جيل ۾ قيد آهي.










