اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي کي آن لائن حاضري ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جج طاهر عباس سپرا پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي جي جعلي رسيدن واري ڪيس ۾ 6 ڪيسن ۾ ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.عدالتي حڪم باوجود پي ٽي آءِ جي باني بشرا بي بي کي آن لائين پيش نه ڪيو ويو. جج طاهر عباس سپرا ۽ پي ٽي آءِ جي وڪيل نعيم پنجوٿا وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي.وڪيل نعيم پنجوٿا چيو ته سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل بشرا بي بي کي عدالت ۾ پيش نه ڪيو، هو توهين عدالت جي مجرم آهي.ايڊيشنل سيشن جج طاهر عباس سپرا پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي توهين آهي؟ ڪهڙي عدالت؟،وڪيل نعيم پنجوٿا چيو ته ماضي ۾ به لاهور جي عدالت وڊيو لنڪ ذريعي حاضري جو حڪم ڏنو هو.جج طاهر عباس سپرا چيو ته هو 6 مارچ تي ضمانت واري درخواستن تي دليل ٻڌندا.وڪيل صفائي چيو ته گذريل ٻڌڻي تي بشرا بي بي ۽ پي ٽي آءِ باني جي حاضري جو حڪم ڏنو ويو هو.جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي جي عدالتي پروڊڪشن بابت اسان کي خبر ناهي.جج پڇاڻو ڪيو ته ڇا جعلي بلن جي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي جي جاچ ٿي آهي؟،جاچ آفيسر ٿاڻي ڪوهسار جو چوڻ آهي ته باني پي ٽي آءِ ۽ بشرا بي بي کي جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.وڪيل صفائي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي صبح 8:30 وڳي ضمانت واري درخواست تي دليل ڏيندو.عدالت پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي 6 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










