سنڌ ۾ پوليو خلاف 7 ڏينهن واري مهم اڄ کان شروع

سنڌ ۾ پوليو خلاف 7 ڏينهن واري مهم اڄ کان شروع

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سڄي سنڌ ۾ پوليو خلاف 7 ڏينهن واري مهم اڄ کان شروع ٿي وئي آهي.سنڌ جي نگران صحت واري وزير ڊاڪٽر سعد جو چوڻ آهي ته پوليو خلاف مهم 3 مارچ تائين جاري رهندي، 16 لک ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا.ڊاڪٽر سعد جو چوڻ هو ته 6 مهينن کان 5 سالن جي ٻارن کي وٽامن اي جو اضافي دوز ڏنو ويندو، پوليو خلاف ٽيمن جي حفاظت لاءِ 3700 کان وڌيڪ اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن.هن چيو ته هن سال سڄي ملڪ مان ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس مليو آهي، والدين ۽ استادن کي گهرجي ته اهي پوليو خلاف ٽيمن سان تعاون ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو