اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) سلمان اڪرم راجا جي وفاقي گادي واري شهر جي هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن سندس مخالف اميدوار عون چوڌري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن جو ڊي جي لا عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ عون چوڌري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن واپس وٺڻ ۽ سلمان اڪرم راجا جي نتيجن کي چيلينج ڪرڻ بابت ڪميشن ۾ زير التوا درخواست جي ٻڌڻي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. لاهور جي قومي اسمبلي جي تڪ اين اي 128 تي ناليواري وڪيل سلمان اڪرم راجا هڪ لک 59 هزار کان مٿي ووٽ کنيا جڏهن ته اليڪشن ڪميشن موجب عون چوڌري هڪ لک 72 هزار کان مٿي ووٽ کنيا. مسلم ليگ (ن) هن حلقي ۾ اميدوار نه بيهاريو هو ۽ عون چوڌري جي حمايت ڪئي هئي. ياد رهي ته ٽي وي چينلز تي اڳ ۾ سلمان راجا جي ڪاميابي جون خبرون هليون بعد ۾ عون جي ڪاميابي جي خبر هلي. سلمان راجا هر پولنگ اسٽيشن تان فارم 45 تي مليل نتيجا اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ڪندي عون چوڌري جي ڪاميابي کي چيلينج ڪيو هو. اليڪشن ڪميشن چالاڪي ڪندي سندس درخواست تي فيصلو ڪرڻ کان اڳ ئي عون چوڌري جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن خلاف هن هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل ڪئي هئي.










