ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو آهي ته تائيڪوانڊو هڪ روايتي ڪورين مارشل آرٽ آهي جيڪا جسماني ويڙهه جا هنر سيکاري ٿي ۽ اها راند پاڪستان ۾ ڪيترائي ڏهاڪن کان سيکاري پئي وڃي. جڳ مشهور راند تائيڪوانڊو کي هاڻي اولمپڪس ۾ سرڪاري راند سمجهيو ويندو آهي. اها راند اسان کي سيکاري ٿي ته اسان پنهنجي روح جي تربيت ڪندي پنهنجي جسم ۽ دماغ کي ڪيئن بهتر بڻائجي ۽ اڄ اها راند وڏي پيماني تي اسان جي ڀلائي لاءِ سڃاتي وڃي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن محمد صديق اسڪائوٽس اسپورٽس ابوالحسن اصفهاني روڊ تي يونيورسل ٽائيگرز تائيڪوانڊو پاران سنڌ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي سهڪار سان منعقد ڪيل باذل صديقي تائيڪوانڊو تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پروگرام ۾ سيڪريٽري ڊي اي پي ڊي طحه فاروقي شرڪت ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي فهيم صديقي ۽ شاگردن جي والدين وڏي انگ ۾ موجود هئا. چيمپيئن شپ ۾ معذور ٻارن به وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ مختلف مقابلن ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. وڏي وزير چيو ته تائيڪوانڊو جو مقصد جسماني طاقت ذريعي ذهني سڪون پيدا ڪرڻ آهي ۽ ان هم آهنگي کي پنهنجي زندگي ۽ سماج ۾ وڌائي سگهجي ٿو. تائيڪوانڊو ۾ جسماني طاقت، ذهني تربيت ۽ زندگيءَ جا اصول سڀ هڪٻئي سان جڙيل آهن. وڌيڪ اهو ته مناسب جسماني ڪيفيت مقابلي جي جرئت پيدا ڪندي ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيندي آهي. جسٽس باقر ٻڌايو ته تائيڪوانڊو جو مقصد پنهنجي مخصوص سرگرمين ذريعي متوازن ترقي ۽ پاڻ سڌارڻ آهي. اهوئي سبب آهي ته ان کي زندگي جو هڪ طريقو سمجهي سگهجي ٿو. تائيڪوانڊو جي بنيادي اصولن کي اپنائڻ سان اسان پنهنجي زندگي کي تبديل ڪري سگهون ٿا ۽ هڪ وڌيڪ بامعني وجود جي اڳواڻي ڪري سگهون ٿا. وڏي وزير چيو ته مشهور صحافي فهيم صديقي جو پٽ 6 ورهين جو باذل صديقي 2009ع ۾ محرم الحرام جي جلوس دوران بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿيو جنهن ۾ 48 ڄڻا شهيد ٿيا هئا، هن شهيدن لاءِ دعا ڪئي ۽ چيو ته باذل صديقي شهيد تائيڪوانڊو رانديگر هو، ان ڪري سندس والد پنهنجي پٽ جي ياد ۾ هر سال تائيڪوانڊو چيمپيئن شپ منعقد ڪرائيندو آهي. جسٽس باقر چيو ته هو 2013ع ۾ به دهشتگردي جو شڪار ٿيو هو جنهن ۾ 9 ڄڻن شهادت قبول ڪئي هئي. هن چيو ته هي قوم دهشتگردن خلاف متحد آهي. پروگرام کانپوءِ وڏي وزير کٽيندڙ ٻارن ۾ ٽرافيون ۽ ميڊل ورهايا.










